درازي سخي قبول محمد (چوٿون)

درازي سخي قبول محمد (چوٿون)

درازي سخي قبول محمد چوٿون

درازي سخي قبول محمد (چوٿون): درگاهه سچل سرمست جو هاڻوڪو سجاده نشين، سخي قبول محمد درازي (چوٿون) 19 جولاءِ 1962ع ۾، خواجه عبدالحق (ٻئي) جي گهر ۾، درازا شريف ۾ ڄائو. هن پنهنجي ابتدائي تعليم ڳوٺ مان ۽ سيڪنڊري تعليم خيرپور مان حاصل ڪئي. بعد ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان ايم. اي (سياسيات: Political Science)، خيرپور لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ هن شهادت العالميه (MA Religion) جو امتحان به پاس ڪيو. تنهن کان سواءِ سخي قبول محمد، ايڊنبرو يونيورسٽي پينسلوانيا مان ’Contemporary Practices & Student Management‘ ۾ ڊپلوما، LFWA (ڪيمبرج يونيورسٽي، انگلنڊ) ۽ خيرپور يونيورسٽيءَ مان ’Sufism & Literature‘ ۾ پي. ايڇ. ڊي آهي، جنهن ۾ هن ڊاڪٽر تنوير عباسي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ اياز قادريءَ کان رهنمائي حاصل ڪئي. هي ڪجهه وقت لاءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ قائم سچل چيئر جو ڊائريڪٽر به رهيو آهي. سخي قبول محمد (چوٿين) جو ٻيو ادبي ڪم هيٺينءَ ريت آهي: (1) Path to Perfection, (2) Priceless Pearls picked from the Wondrous Waters of Wisdom, (3) Sufism: Its Concept of Character, (4) A Voice from the Wilderness (T. L. Vaswani’s Writings), (5) Study of Mysticism: Darazi School of Sufi Thought (2002). هن ڪيترائي اوارڊ کنيا آهن، جن ۾ اسپورٽس سلور شيلڊ (سنڌ جي وڏي وزير پاران: 1987ع)، ڪلچرل اوارڊ (سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن)، اڪيڊمڪ ۽ ريسرچ اوارڊ (شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور)، گورنر سنڌ جو اوارڊ (1995ع)، بهترين محقق اوارڊ (1995ع)، مهراڻ نيشنل اوارڊ (1998ع)، امن جو پرچارڪ: گولڊ ميڊل (لٽرري ڪائونسل آف انڊيا: 2000ع). سخي قبول محمد 2 فبروري 1978ع کان موجوده وقت تائين صوفي شاعر حضرت سچل سرمست جي درگاهه جو سجاده نشين آهي. هن سنڌ، هند، آمريڪا سميت ڪيترن ملڪن ۾ سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪئي آهي.هن 08 فيبروري 2015ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.07.19  عيسوي

درگاهه سچل سرمست جو هاڻوڪو سجاده نشين، سخي قبول محمد درازي (چوٿون) 19 جولاءِ 1962ع ۾، خواجه عبدالحق (ٻئي) جي گهر ۾، درازا شريف ۾ ڄائو.


1978.02.02  عيسوي

سخي قبول محمد 2 فبروري 1978ع کان موجوده وقت تائين صوفي شاعر حضرت سچل سرمست جي درگاهه جو سجاده نشين آهي. هن سنڌ، هند، آمريڪا سميت ڪيترن ملڪن ۾ سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪئي آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شمس الدين شيرازي بکري
غلام رسول خاموش
حڪيم محمد صديق مورائي
چانڊيو مولابخش
بلاول بيلجم
چارلس نيپئر
سيد ملا مير سبزواري
حاجي علي شاهه هنڱورو
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
الاهي بخش خميساڻي جسٽس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون